سنڌ

January 11, 2022 1:01 pm

اسلام آباد کان هڪ ڪلاڪ جي پنڌ تي مري واقعو پيش آيو، ڪير به نه پهتو : مراد علي شاهه

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اسلام آباد کان هڪ ڪلاڪ جي پنڌ تي مري واقعو پيش آيو، ڪير به نه پهتو،

اهو چوڻ ته انتظاميا وڏو سٺو ڪم ڪيو، ان کان وڏي بي حسي نظر نٿي اچي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نوري آباد پاور پلانٽ ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي وئي، جنهن دوران سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا پيش ٿيا.

ڪيس جو شريڪ جوابدار شاهه نواز ڪرونا ۾ مبتلا هئڻ سبب ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ پيش ڪيو ويو، جاچ آفيسر به بيمار هئڻ سبب عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت ٻاهران ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته شاهه رخ جتوئي جي جيل کان اسپتال منتقلي واري معاملي جي انڪوائري ٿيندي، جيڪو به ذميوار نڪتو، ان کي سزا ملندي.

هن چيو ته شاهه رخ جتوئي اڪيلو نه هو، ان سان گڏ ٻين کي به رليف ڏنو ويو، آئون ايئن نه چوندس ته انتظاميا سٺو ڪم ڪيو، معاملي جي انڪوائري ڪرائي ويندي، ذميوارن کي سزا ملندي..

وڌيڪ پڙهو: