سنڌ

November 25, 2021 1:34 pm

استاد بخاريءَ جي ڏوهٽي نوشين شاهه جي تدفين

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان شاگردياڻي نوشين شاهه جو لاش هٿ اچڻ واري واقعي کانپوءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اڻڄاتل مدي تائين بند،

سمورن ماتحت ڪاليجز کي اڻ ڄاڻايل مُدي تائين بند ڪيا ويا،يونيورسٽيز جون هاسٽلز به سيل، سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گهرن ڏانهن واپس روانو ڪيو ويو،

وڏي وزير مراد علي شاهه به واقعي جو نوٽيس وٺندي يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر انيلا سان رابطو ڪيو، وي سي پاران شروعاتي جاچ بابت آگاهي.

شاگردياڻي نوشين شاهه آپگهات ڪيو يا کيس قتل ڪيو ويو؟ واقعي جي جاچ جاري،

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ يونيورسٽي عملدارن سان گڏ واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو،

ڊي جي آءِ چيو ته نوشين شاهه معاملي جي جاچ دوران اسان کي ڪجهه ثبوت مليا آهن، هاسٽل انچارج، روم ميٽ ۽ شاگردياڻين کان جاچ ڪئي وئي،

خط جي هينڊ رائيٽنگ جو جائزو به ورتو پيو وڃي، شاگردياڻي جو موت آپگهات آهي يا قتل؟، فارينزڪ ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽس اچڻ بعد ئي پتو پوندو.

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ڦاهو ڏنل حالت ۾ هٿ آيل شاگردياڻي نوشين شاهه جي دادو ۾ جنازي نماز ادا ،

استاد بخاريءَ جي ڏوهٽي نوشين شاهه جي تدفين مراد شاهه قبرستان ۾ ڪئي پئي وڃي،

سندس پيءُ جو چوڻ آهي ته منهنجي نياڻي آپگهات ناهي ڪيو، معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي..

وڌيڪ پڙهو: