سنڌ

October 7, 2021 2:18 pm

ارسا جو ٽه رخي فارمولو غيرآئيني آهي،زراعت کاتي جي صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ

سنڌ سرڪار پاڻي جي ورڇ لاءِ ارسا جي ٽه رخي فارمولي کي رد ڪندي ارسا کان 91ع واري ٺاهه تحت پاڻي ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي.

زراعت کاتي جي صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته  ارسا جو ٽه رخي فارمولو غيرآئيني آهي، ربيع جي مند ۾ پاڻي بند ڪري وفاق سنڌ ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا ڪرڻ گهري ٿو.

پنهنجي بيان ۾ منظور وساڻ چيو ته ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ پي ٽي آئي جي حڪومت ھجڻ سبب انھن صوبن جا ميمبر پنجاب جو ساٿ ڏين پيا.

هن چيو ته سنڌ 28 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ڇو برداشت ڪري ٻيا صوبا به کوٽ ۾ ڀائيوار ٿين، سنڌ جي حصي ۾ ڪٽوتي ڪنھن به صورت ۾قبول ناھي.

هن چيو ته ربيع جي سيزن ۾ زرعي پاڻي بند ڪري وفاق سنڌ ۾ ڪڻڪ ۽ ٻيو زرعي بحران پيداڪرڻ چاھي ٿو، 18ورهين کان ارسا ۽ پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن.

منظور وساڻ چيو ته ارسا، پنجاب ۽ واپڊا سنڌ جو زرعي پاڻي چوري ڪرڻ ۾ ملوث آھن، ڪوٽڙي کان ھيٺ عام ماڻھن جي زندگي کي به خطرو آھي، کاري پاڻي سبب مختلف بيماريون پکڙجي رهيون آهن.

ارسا پاران 1991 جي معاھدي تي عمل نه ڪيو ۽ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏيو ته ڪراچي، ٺٽو، سجاول ۽ بدين تباھ ٿي ويندا.

وڌيڪ پڙهو: