پاڪستان

January 4, 2022 12:58 pm

اربين رپيا ڪاڏي وڃن ٿا؟ ڪي پي جي اسپتالن ۾ مٿان کان وٺي هيٺين سطح تائين سڀ سفارشي ڀرتي ڪيا وڃن ٿا : جسٽس جمال خان

خيبرپختونخواهه جي سرڪاري اسپتالن ۾ نه ڪا ايڪسري مشين ڪم ڪري ٿي ۽ نه ئي آڪسيجن جو نظام آهي،

اربين رپيا ڪاڏي وڃن ٿا؟ ڪي پي جي اسپتالن ۾ مٿان کان وٺي هيٺين سطح تائين سڀ سفارشي ڀرتي ڪيا وڃن ٿا،

جيستائين اسپتالن جو سيٽ اپ نه ٺاهيو ويندو، ماڻهو مرندا رهندا،

سپريم ڪورٽ جا خيبرپختونخواهه جا بريسٽ ڪينسر بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ رمارڪس،

سپريم  ڪورٽ ۾ بريسٽ ڪينسر جي وڌندڙ ڪيسز بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪندي رمارڪس ڏنا ته ڪي پي حڪومت جا اربين رپيا ڪيڏانهن ويا،

اسپتالن ۾ حڪومت سمورا ماڻهو سفارشي ڀرتي ڪيا آهن،

سپريم  ڪورٽ جو وفاقي ۽ سمورن صحت جي صوبائي  سيڪريٽرين کي بريسٽ ڪينسر بابت رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم،

سپريم ڪورٽ بلوچستان جي صحت جي سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو،

ڪي پي ڪي جي  ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته صوبائي حڪومت بريسٽ ڪينسر جي مشينري ۽ علاج لاءِ 3 ارب رپيا مختص ڪيا،

منصوبي جي پي سي ون تيار ڪئي وئي آهي،چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته توهان رڳو پي سي ون ٺاهيو ٿا عمل نٿا ڪريو،

جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏنا ته اصل مسئلو انساني وسيلن جو آهي،ڪروڙن جي مشينري  آندي وڃي ٿي،استعمال نٿي ٿئي،

جيستائين اسپتالن جو سيٽ اپ توهان ٺاهيندو، تيستائين ماڻهو  مرندا رهندا.

وڌيڪ پڙهو: