سڌ سماءَ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي،
ماڻهن جو مني بجيٽ ۽ مهانگائي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ مڪاني بل تي احتجاج جو ڊرامو رچايو پيو وڃي،
ڪالهه ڪراچي ۾ ماڻهن کي لالچ ڏئي ڌرڻي ۾ آندو ويو پر جلسي مان ثابت ٿي ويو ته ڪراچي واسين انهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي،
عوام کي بيوقوف بنائڻ وارو سلسلو گهڻو وقت نه هلي سگهندو،
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيوته احتجاج ڪندڙ پنهنجي نالائقي بچائڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن،
جيڪڏهن هنن کي احتجاج ڪرڻو آهي ته مهانگائي ۽ مني بجيٽ خلاف احتجاج ڪن.
سعيد غني چيو ته حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ بدران مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، هر بحران جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏنو ويندو آهي.