پاڪستان

November 29, 2021 11:35 am

آڊيو ٽيپ ڪنهن رليز ڪئي؟ ڇا اسان انهن جي هٿن ۾ کيڏون، جن آڊيو جاري ڪئي!؟ چيف جسٽس اطهر من الله

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي مبينا آڊيو جي جاچ لاءِ درخواست تي وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ بينچ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي آڊيو ٽيپ ۽ عدليه تي ٻين الزامن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عدليه تي الزامن جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي وڃي، عدليه جي آزادي جي تحفظ لاءِ آڊيو جعلي آهي يا اصلي، ان جو تعين ڪرڻ ضروري آهي.

چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته جڊيشل ايڪٽو ازم جي ڪري اڳ ئي عدليه کي گهڻو نقصان ٿي چڪو آهي،

چيف جسٽس پاڪستان جي آڊيو ٽيپس رڪارڊ ڪرڻ جي صلاحيت ڪنهن وٽ آهي،  فرض ڪريو آڊيو ٽيپ صحيح آهي ته پوءِ اصل ڪلپ ڪنهن وٽ آهي.

چيف جسٽس رمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته جن جي ڪيسز بابت ٽيپ آهي، انهن کي معاملو عدالت ۾ آڻن جي دلچسپي ناهي، مختلف سياسي قوتون مختلف بيانيو ٺاهين ٿيون پر عدالت نٿيون اچن،

جڏهن اهي عدالت نٿيون اچن ته ڪورٽ به ڏسندي ته انهن جي نيت ڪهڙي آهي؟ آڊيو ٽيپ ڪنهن رليز ڪئي؟ ڇا اسان انهن جي هٿن ۾ کيڏون، جن آڊيو جاري ڪئي؟

عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ يا نه هئڻ بابت اٽارني جنرل کان معاونت جو فيصلو ڪندي ڪيس ۾ نوٽيس جاري ڪندي 8 ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتو..

وڌيڪ پڙهو: