پاڪستاني ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه ۽ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن ۾ اچي ويا آهن.
حريم شاهه هڪ خانگي ٽي وي شو جو ٽيزر انسٽاگرام تي شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ کيس شو جي ميزبان جي درخواست تي شيخ رشيد کي فون ڪندي ڏٺو پيو وڃي.
وڊيو ۾ حريم شيخ رشيد کي ڪال ڪندي پنهنجو موبائل فون ڪيمرا ۾ به ڏيکاريو، جنهن ۾ هن ميزبان کي ڏيکاريو ته هن شيخ رشيد جو نمبر ڪهڙي نالي سان محفوظ ڪيو هو.
جڏهن حريم فون ڪيو ته شيخ رشيد سندس فون ريسيو ڪيو ۽ کيس جلد فون ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
جڏهن ته حريم شيخ رشيد سان ڳالهائڻ تي اصرار ڪيو، جنهن تي گهرو وزير ڪاوڙ ۾ اچي ويهي رهيو.