پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي قريشي چيو آهي ته آمريڪي سينيٽرز طرفان افغانستان بابت گڏيل مسودي واري قانون تي خاموش نه ويهنداسين. ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير سان پريس ڪانفرنس دوران صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي شاهه محمود قريشي چيو ته آمريڪا ۾ لابيز ۽ اسان جا پاڙيسري ان بل جي پٺيان آهن. ڪانگريس کي افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار کي سمجهڻو پوندو.
شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي معاملي تي پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو بنائڻ مسئلي جو حل نه آهي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي لاءِ پاڪستان کي سپورٽ ڪرڻ تي ڊينمارڪ جا ٿورائتا آهيون. پاڪستان ۽ ڊينمارڪ وچ ۾ گرين پارٽنر شپ معاهدو ٿيو آهي. ان موقعي تي ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير چيو ته اسان سڀني جا افغانستان ۾ گڏيل مفاد آهن. نٿا چاهيون ته افغانستان ۾ دهشتگرد گروپ ٻيهر منظم ٿين.