بين الاقوامي

تازه خبرون

October 11, 2021 5:01 pm

آمريڪا ۽ برطانيا پنهنجن شهرين کي ڪابل جي هوٽلن ۾ رهڻ بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

آمريڪا ۽ برطانيا ڪابل ۾ رهندڙ پنهنجن شهرين لاءِ خطري جو الرٽ جاري ڪيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ، آمريڪا ۽ برطانيا پنهنجن شهرين کي ڪابل جي هوٽلن ۾ رهڻ لاءِ خطري جو الرٽ جاري ڪيو آهي.

آمريڪا ۽ برطانيه پاران جاري ڪيل خطري واري خبرداري ڪابل جي لگزري هوٽلن ڏانهن اشارو ڪري ٿي ، جنهن ۾ خاص ٽوپر سرينا هوٽل بابت هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

آمريڪي سفارتخاني 11 آڪٽوبر تي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، ڪابل ۾ موجود آمريڪي شهرين تي زور ڀريو ته اهي شهر جي لگزري هوٽلن کان پري رهن سيڪيورٽي خدشن جي ڪري ، جڏهن ته سڀئي آمريڪي شهري جيڪي سرينا هوٽل جي آس پاس آهن خاص طور تي هي علائقو ڇڏي وڃن.

آمريڪي سفارتخاني پنهنجي شهرين کي پڻ هدايت ڪئي ته هو سرينا هوٽل جي ڀرپاسي ۾ سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن.

ٻئي طرف، برطانيه طرفان جاري ڪيل الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته وڌندڙ خطري کي نظر ۾ رکندي ، برطانوي شهرين کي هوٽلن ۾ رهڻ نه گهرجي ۽ خاص ڪري ڪابل جي هوٽلن ۾.

واضح رهي ته آمريڪا ۽ برطانيا طرفان الرٽ جاري ڪيو ويو هو جمعه جي ڏينهن قندوز جي مسجد ۾ڌماڪي کانپوءِ ، جنهن ۾ 40 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.

وڌيڪ پڙهو: