سنڌ

December 3, 2021 11:27 am

سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي نيب آڏو سرينڊر ڪرڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري کان اڳ ضمانت ڏيڻ کان انڪار ڪندي کيس نيب اڳيان سرينڊر ڪرڻ  جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت صفائي جي وڪيل جي ٽرائل ڪورٽ اڳيان سرنڊر ڪرڻ جي استدعا به  رد  ڪري ڇڏي.

جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته ٽرائل ڪورٽ جي سامهون سرنڊر ڪرڻ جو حڪم ڏئي نٿا سگهون.

هن چيو ته اسان کي قانون مطابق هلڻو آهي.

جسٽس سجاد علي شاهه  رمارڪس ڏنا ته آغا سراج دراني کي هن وقت تائين جيل ۾ هجڻ گهرجي ها، اسان کيس خصوصي رعايت ڇو ڏيون؟.

عدالت ڄاڻايو ته آغا سراج سرينڊر ڪندو ته ضمانت جي درخواست ٽيڪ اپ ڪنداسين.

ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته  اسان قانون جي پيروي ڪندا آهيون،

اسان جي قيادت اسان کي قانون جي پاسداري سيکاري آهي،هاءِ ڪورٽ مان سپريم ڪورٽ ۾ رليف وٺڻ لاءِ آياسين.

صحافي سوال ڪيو ته توهان گرفتاري هتي ڏيندئو يا سنڌ ۾ وڃي ڏيندئو؟ ،آغا سراج دراني چيو ته عدالت کان ٻاهر نڪري خبر پوندي ته گرفتاري ڪٿي ٿيندي،

آئون اسيمبلي اجلاس نٿو گهرائي سگهان،اسيمبلي پنهنجي طريقئڪار سان هلندي آهي..

وڌيڪ پڙهو: