پاڪستان

December 23, 2021 3:33 pm

آصف زرداري وڏيون وڏيون ڀڙڪيون هڻي پيو ته لاهور ۾ خيما کوڙي ويهندس : فواد چوڌري

آصف زرداري وڏيون وڏيون ڀڙڪيون هڻي پيو ته لاهور ۾ خيما کوڙي ويهندس،آصف زرداري خيما کوڙي ته ڪجهه ڪارڪن خيمن ۾ ايندا،

آصف زرداري پ پ جي اهڙي حالت ڪئي آهي جو ان کي پنجاب ۾ اميدوار ئي نٿو ملي،ن ليگ ۽ پ پ جي ٽي وي تي ڪوريج بند ٿي وڃي ته پاڻمرادو ختم ٿي وينديون.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته آصف زرداري پنجاب اچڻ جي خواهش رکي ٿو پر نوابشاھ ۽ لاڙڪاڻي وڃڻ جهڙو به نه رهندو.

فواد چوڌري چيو ته سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ جي هوندي،آصف زرداري 30 سالن کان اقتدار ۾ آهي، اڃا ڪهڙو پلان آڻيندو.

هڪ سوال تي فواد چوڌري چيو ته  اڄ آصف زرداري  معيشت تي ليڪچر ڏئي رهيو آهي، جنهن جو هن پاڻ ٻيڙو ٻوڙيو،

مستقبل ۾ آصف زرداري پنهنجي زندگي دبئي ۽ نوازشريف لنڊن ۾ گذاريندو.

فواد چوڌري چيو ته  اپوزيشن وارا حڪومت ۾ هئا ته ملڪي معيشت کي تباهه ڪري هليا ويا، اسان جو مقابلو سياسي ڄامڙن سان آهي.

وفاقي وزير چيو ته آصف زرداري کي جڏهن عدالت گهرائيندي آهي ته ويل چيئر ايندو آهي، جڏهن ضمانت حاصل ڪندو آهي ته وڏيون وڏيو ن ڳالهيون ڪندو آهي..

وڌيڪ پڙهو: