ناڻي واري مشير شوڪت ترين چيو آهي ته آءِ ايم ايف جو پروگرام معيشت کي مضبوط ڪرڻ وارو پروگرام آهي، عمران خان جڏهن حڪومت سنڀالي تي معاشي صورتحال مشڪلاتن جو شڪار هئي، ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري مشير شوڪت ترين جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام سان ملڪي معيشت مضبوط ٿي آهي، عمران خان تعميرات، زراعت ۽ برآمدي وارين صنعتن تي ڌيان ڏنو آهي، ڪورونا وائرس دوران جنهن ريت عمران خان منهن ڏنو اهو ساراهه جوڳو آهي، جنهن جي سڄي دنيا تعريف ڪري رهي آهي، هن چيو ته اسان فائديميند ۽ مضبوط پائيدار بنيادن تي ترقي چاهيون ٿا، ترقي يافته ملڪن 20 کان 30 سالن دوران ترقي ڪئي آهي.