ناليوارو صداڪار، اداڪار ۽ ڊائريڪٽر ضياءُ محي الدين 91 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ضياءُ محي الدين پاڪستاني ڊرامن کانسواءِ برطانوي ٿيٽر سان گڏ هاليووڊ ۾ به ڪم ڪيو، ضياءُ محي الدين جي جنازي نماز اڄ شام ڊفينس ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي
ضياءَ محي الدين 20 جون 1931ع تي فيصل آباد ۾ پيدا ٿيو، هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ريڊيو آسٽريليا سان وائيس ايڪٽر جي حيثيت سان ڪئي، ڪافي وقت تائين برطانوي ٿيٽر لاءِ ڪم ڪيو، برطانوي سئنيما ۽ هالي ووڊ ۾ به ڪم ڪيو، 50 جي ڏهاڪي ۾ لنڊن ۾ اداڪاري جي باضابطه تربيت رائل اڪيڊمي آف ڊراميٽڪ آرٽ مان حاصل ڪئي
ضياءَ محي الدين کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ 2003ع ۾ ستاره امتياز ۽ 2012ع ۾ هلال امتياز سان نوازيو ويو، ضياءُ محي الدين کي 2004ع ۾ ڪراچي ۾ نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس جو بنياد وڌو ويو ۽ آخر تائين نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس جو سربراهه رهيو.