ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 29 هين ميچ ۾ پشاور زلمي اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 13 رنسن تان شڪست ڏئي پلي آف اسٽيج لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
پنڊي ۾ کيڏيل ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان شاداب خان ٽاس کٽي پشاور زلمي کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.
پشاور زلمي طرفان اوپننگ بيٽسمين صائم ايوب ٽيم کي سٺي شروعات فراهم نه ڪري سگهيو ۽ ٽي بال کيڏڻ بعد صفر رنسون ٺاهي فضل الحق فاروقي جي بال تي پويلين موٽي ويو، جنهن کانپوءِ محمد حارث شاندار اننگز کيڏي.
پشاور زلمي طرفان شاداب 39 بالن تي 79 رنسون ٺاهي پاڪشا 41، ٽام ڪوهلر 12 ۽ حسيب الله خان 10 رنسون ٺاهي حسن علي جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيا.
پشاور زلمي طرفان ڏنل 180 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم مقرر 20 هين اوور ۾ 166 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
اسلام آباد يونائيٽيڊ طرفان فهيم اشرف 38 ۽ رحمان الله گربز 33 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، پشاور طرفان خرم شهزاد ۽ صفيان مقيم 3، 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته جمي نيشام ۽ عامر جمال 2-2 وڪيٽون ورتيون.
We wrap up affairs in Islamabad with another thriller that went Zalmi’s way 👏 #HBLPSL8 I #SabSitarayHumaray | #IUvPZ pic.twitter.com/s71AEev5Gp
— PakistanSuperLeague (@thePSLt20) March 12, 2023
اسلام آباد خلاف ميچ ۾ پشاور زلمي جو ڪپتان بابر اعظم صحت جي خرابي سبب ٽيم لاءِ موجود ناهي،
بابر جي جاءِ تي ڪيڊمور ٽيم جي قيادت ٽام ڪوهلر ڪري رهيو آهي.
ٻئي طرف اسلام آباد يونائيٽيڊ جو وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين اعظم خان انجري سبب اسڪواڊ ۾ شامل ناهي، واضح رهي ته لاهور قلندرز خلاف ميچ دوران اعظم خان جي کاٻي هٿ جي آڱر زخمي ٿي هئي.