صدر عارف علوي پاران اليڪشن ڪميشن کي چونڊن بابت لکيل خط جو جواب نه ملڻ تي اليڪشن ڪميشن جي بيحسي تي ڪاوڙ جو اظهار،
چونڊن بابت صلاح مشوري لاءِ 20 هين فيبروي تي ايوان صدر ۾ اجلاس لاءِ هڪ وڌيڪ خط لکي ڇڏيو،
صدر عارف علوي چيو آهي ته چونڊن واري اهم معاملي تي اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو،
انتظار ڪري رهيو هيس ته اليڪشن ڪميشن کي هن اهم معاملي تي پنهنجي آئيني ذميواري جو احساس هوندو،
پر ان خط جو جواب به نه ڏنو ويو، مان عمران خان ۽ باجوا وچ ۾ ملاقات ڪرائي، عمران خان ۽ جنرل رٽائرڊ باجوا وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ ڪو به معاملو طئي نه ٿيو هو،
باجوا جي مدي ۾ واڌ بابت عمران ۽ باجوا کان پڇيو وڃي.