دنيا

February 11, 2023 3:37 pm

ٻي مهاڀاري جنگ هڪ سپاهيءَ پاران پنهنجي زال ڏانهن لکيل ’محبت جا خط‘ ڌيءَ حوالي ڪيا ويا

ٻي مهاڀاري جنگ دوران هڪ سپاهيءَ طرفان پنهنجي زال ڏانهن لکيل خط ڏهاڪن کان پوءِ سندس ڌيءَ کي ڏنا ويا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اهي محبت جا خط 1990ع جي ڏهاڪي ۾ ڊٽي نالي عورت جي گهر مان مليا هئا جڏهن هوءَ ۽ سندس مڙس گهر جي ڇت جي مرمت ڪري رهيا هئا.

ڊوٽي چيو ”مون ۽ منهنجي مڙس هي گهر 30 سال اڳ خريد ڪيو هو، گهر خريد ڪرڻ کان پوءِ اسان ڀتين کي پلستر ڪيو هو، ان وقت اسان کي اهي محبت جا خط مليا هئا، جيڪي ٻئي عالمي جنگ دوران هڪ سپاهي ڪلاڊ مارسٽن سمٿ پنهنجي  زال ميري بورگل ڏانهن لکيا هئا .

رپورٽن مطابق ڊٽي کي شروعات ۾ خبر نه هئي ته خطن سان ڇا ڪجي، انهن کي ڪيترائي ڀيرا پڙهيو ۽ 30 سالن تائين رکيو.

ڪيرول بوهلن

ان دوران هڪ ڏينهن جڏهن هوءَ هڪ ٽي وي پروگرام ڏسي رهي هئي ته هن کي چيلسي برائون نالي هڪ عورت نظر آئي، جيڪا هڪ ’هيرلوم انٽيگيٽر‘ هئي، يعني هوءَ هڪ اهڙي خانداني خزاني تي تحقيق ڪري رهي هئي، جيڪا هن جي قبضي ۾ ايندڙ نسلن تائين موجود هئي.

ڊوٽي چيلسي برائون سان رابطو ڪيو ۽ هن جوڙي جي ڌيءَڪيرول بوهلن، کي ويبسائيٽ ذريعي ڳولڻ ۾ مدد ڪرڻ تي راضي ٿي وئي.

چيلسي براون ڏاڍو خوش ٿي جڏهن ڪيرول بوهلن هن کي پنهنجي والدين جا خط حوالي ڪيا.

انهن خطن ۾، ڪلاڊ مارسٽن-سمٿ پنهنجي زال جي خيريت بابت پڇندو هو، هن کي ٻڌائيندو هو ۽ هن کي پنهنجي روزاني معمول بابت ڄاڻ ڏيندو هو.

وڌيڪ پڙهو: