اهم خبرون

سنڌ

February 10, 2023 7:17 pm

ڪراچي ۾ فائرنگ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ عورت قتل

ڪراچي ۾ فائرنگ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ عورت قتل ٿي وئي، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

ڪورنگي جي زمان ٽائون ٿاڻي جي حد، نوراني بستي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 36 سالن جي مسرت زال لياقت قتل ٿي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ٻئي پاسي عوامي ڪالوني ٿاڻي جي حد، باغ ڪورنگي ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ 55 سالن جو محمود پُٽ الله ڏتو زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

 

وڌيڪ پڙهو: