شوبز

March 2, 2023 7:02 pm

اللو ارجن شاهه رخ خان سان فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان ڇو انڪار ڪيو؟

بالي ووڊ جي ڪنگ خان شاهه رخ جي پٺاڻ باڪس آفيس تي ڌماڪي کانپوءِ هر ڪنهن کي سندس ايندڙ فلم جوان جو بي صبري سان انتظار آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ڏکڻ فلمن جي هدايتڪار ايٽلي جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم جوان هن سال جي سڀ کان وڌيڪ انتظار ڪندڙ فلمن ۾ شامل آهي. فلم ۾ شاهه رخ خان سان گڏ نينتارا ۽ وجي سيٿوپاٺي اهم ڪردار ادا ڪندي نظر ايندا.

افواهون گردش ڪري رهيا هئا ته تيلگو سپر اسٽار آلو ارجن کي جوان ۾ ڪيميو (مختصر ليڊ) ڪردار لاءِ شامل ڪيو پيو وڃي.

مداحن ۾ تمام گهڻو جوش آهي ڇو ته اهو پهريون ڀيرو ٿي رهيو هو ته اللو ارجن ۽ شاهه رخ خان هڪ فلم ۾ گڏ نظر ايندا.

پر مداحن جي خوشي ان وقت به اڻپوري رهي جڏهن ارجن فلم جوان ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اللو ارجن کي فلم جي ڪهاڻي ٻڌائي وئي هئي ۽ کيس ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ به اپروو ڪيو ويو هو پر مصروفيت سبب هن فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

رپورٽون ٻڌائين ٿيون ته ارجن هن وقت پنهنجي سپر هٽ پشپا جي سيڪوئل تي ڪم ڪري رهيو آهي، جوان ۽ پشپا 2 جي شوٽنگ جون تاريخون ساڳيون هيون ان ڪري اداڪار پشپا 2 جو انتخاب ڪيو ۽ جوان ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته فلم جوان هن سال جون ۾ رليز ٿيڻي آهي.

وڌيڪ پڙهو: