شوبز

March 7, 2023 8:26 pm

سارا علي خان جي ٿرلر فلم گيس لائيٽ ڪڏهن رليز ٿيندي؟

بالي ووڊ اداڪارا سارا علي خان، وڪرانت ميسي ۽ چترانگدا سنگهه جي نئين فلم گيس لائيٽ 31 مارچ تي رليز ٿيندي.

هن ٿرلر کي رميش توراني ۽ اڪشي پوري پروڊيوس ڪيو آهي جڏهن ته هدايتڪار پون ڪرپالاڻي آهي.

رميش توراني جو چوڻ آهي ته فلم گيس لائٽ بالي ووڊ ۾ ٿرلر جو رخ بدلائي ڇڏيندي.

هن چيو ته فلمساز به ساره علي خان کي پهريون ڀيرو منفرد ڪردار ۾ ڏسندا.

فلم ۾ راهول ديو ۽ اڪشي اوبرائي پڻ شامل آهن.

وڌيڪ پڙهو: