سنڌ

February 24, 2023 2:27 pm

عمران خان لاءِ گرفتاريون ڏيندڙ ڪارڪنن کي سهولتون فراهم ڪنداسين: مرتضيٰ وهاب

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته هن ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو عمران خان آهي، جنهن ملڪي معيشت کي نقصان پهچايو،اسان سڀني جو مقصد ملڪ ۽ معيشت کي بچائڻ آهي،

هي پهريون ليڊر آهي جيڪو ڪارڪنن کي چوي ٿو ته توهان جيل ڀريو ۽ پاڻ ضمانتون ڪرائيندو ٿو وتي، عمران خان لاءِ گرفتاريون ڏيندڙ ڪارڪنن کي سهولتون فراهم ڪنداسين.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته هن ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو عمران خان آهي، جنهن ملڪي معيشت کي نقصان پهچايو،اسان سڀني جو مقصد ملڪ ۽ معيشت کي بچائڻ آهي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته عمران خان دنيا جو پهريون ليڊر آهي، جيڪو ڪارڪنن کي چوي ٿو ته جيل ڀريو ۽ پاڻ وري ضمانت ڪرائيندو ٿو وتي.

 

 

وڌيڪ پڙهو: