رانديون

February 10, 2023 6:35 pm

اسان کي رانديگرن جي ضرورت آهي جيڪي جديد ڪرڪيٽ کيڏي سگهن: انضمام الحق

پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز پشاور زلمي جي صدر انضمام الحق چيو آهي ته اسان کي اهڙن رانديگرن جي ضرورت آهي جيڪي جديد ڪرڪيٽ کيڏي سگهن.

جيو نيوز سان ڳالهائيندي انضمام الحق چيو ته پي ايس ايل ۾ ڪيترائي سٺا رانديگر مليا آهن، اسان جي رانديگرن کي انٽرنيشنل رانديگرن کان سکڻ جو موقعو ملي ٿو.

هن چيو ته سکيا جو عمل سڄي زندگي جاري رهندو آهي، اسان جو وقت مختلف هو، هن دور جي ڪرڪيٽ مختلف آهي، اسان کي اهڙن رانديگرن جي ضرورت آهي جيڪي جديد ڪرڪيٽ کيڏي سگهن.

پشاور زلمي جي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته بابر اعظم هن وقت دنيا جو بهترين رانديگر آهي، جيڪو دنيا جي ڪنهن به ٽيم مان ٻاهر ناهي رهيو.

هن چيو ته پي ايس ايل ڏسڻ کانپوءِ لڳي ٿو ته اسان جي دور ۾ به ليگ ٿيڻ گهرجي ها.

انضمام الحق اهو به چيو ته ڪوشش ڪندس ته سمورن نوجوان ڇوڪرن سان گڏ ڪم ڪريان، جن سان ملاقات ٿي، مان پاڻ به انهن نوجوانن سان ڪم ڪري لطف اندوز ٿي رهيو آهيان.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 6 ڇڪا ڪير به لڳائي سگهي ٿو.

انضمام الحق چيو ته جڏهن سليڪشن جي آڇ ايندي ته ڏسنداسين، في الحال نئين سليڪشن ڪميٽي جو شڪريو ادا ڪندس.

وڌيڪ پڙهو: