اسان کي ڪا به جلدي ناهي، عمران خان گرفتار ٿيندو، سياستدان ٽي وي تي ڳوڙها ناهن ڳاڙيندا، عدالت ۾ پيش ٿيندا آهن؛
دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته سياسي اڳواڻ پنهنجي ساک بچائڻ لاءِ عدالت جي حڪم تي ڦاسي چڙهي ويا،
نواز شريف ڌيءَ سان گڏ سوين حاضريون ڏنيون، پر عمران خان پيش ٿيڻ لاءِ تيار ناهي،
عمران خان ڊرامو شروع ڪيو ،ان جي اصليت عوام جي اڳيان اچي وئي آهي، عوام کي ادارن خلاف ڀڙڪايو پيو وڃي..