ڀارتي ماڊل ۽ اداڪارا اروشي روٽيلا پنهنجي سالگرهه پيرس ۾ ملهائي، تقريب تي هن 93 لک رپيا خرچ ڪيا.
ڀارتي ميڊيا موجب اروشي روٽيلا 25 فيبروري تي پيرس ۾ پنهنجي 29هين سالگرهه ملهائي.
اداڪارا پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي سالگرهه جي پارٽي جون تصويرون به شيئر ڪيون.
اروشي روٽيلا، جيڪا سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي سرگرم آهي، انهن جي مداحن جي تصويرن کي پڻ پسند ڪري رهي آهي.