ترڪيه ۾ ٻيهر 6 ڏهائي 4 جي شدت سان زلزلو، عمارتون ڪري پيون، 3 ڄڻا فوت، 6 سئو کان وڌيڪ زخمي، زلزلو ڏکڻ ترڪيه جي مقامي وقت صبح 8 لڳي 4 منٽن تي آيو،
عمارتن جي ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪارروايون جاري، زلزلي جا لوڏا لبنان ۾ به محسوس ڪيا ويا،
6 فيبروري تي ترڪيه ۽ شام ۾ آيل زلزلي سبب 44 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هيا، متاثر علائقن ۾ اڃا به امدادي ڪارروايون جاري آهن.