پاڪستان ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ حتمي ڳالهيون سڀاڻي خميس تي ٿينديون.
ناڻي واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اڄ رڳو گورنر اسٽيٽ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون ٿينديون،
آءِ ايم ايف ٽيم اڄ گورنر اسٽيٽ بئنڪ سان پرڏيهي فنڊنگ تي حتمي ڳالهيون ڪندي، پر ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب پاڪستاني ۽ آءِ ايم ايف جي اختيارين وچ ۾ حتمي ملاقات خميس تي ٿيندي،
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف اختيارين وچ ۾ ڳالهيون مشڪل سان گذري ويون آهن.
ياد رهي ته پاڪستان هڪ ارب ڊالرن جي قرض جي قسط لاءِ آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون پوريون ڪري ورتيون آهن،
۽ آءِ ايم ايف عملدارن به پاڪستان جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.