توشا خانا ڪيس ۾سيشن ڪورٽ اسلام آباد عمران خان تي فرد جرم جي ڪارروائي 28 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
اسلام آباد جي مقامي عدالت عمران خان کي 28 فيبروري تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
ٻڌڻي دوران عدالت حڪم ڏنو ته اليڪشن ڪميشن ڪيس جون ڪاپيون جوابدار جي وڪيل کي فراهم ڪري.
عمران خان جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته 28 فيبروري تائين عمران خان جو ايڪسري ٿي ويندو،9 کان 21 فيبروري تائين عمران خان کي حاضري کان ڇوٽ جون درخواستون جمع ڪرايون آهن.
عدالت رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ائين ٿيندو رهيو ته ٽرائل ڊگهو ٿي ويندو.
اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سعد حسن عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجن پيرن تي پيش ٿيو،عدالت ڄاڻايو ته پمز مان عمران خان جي طبي رپورٽ تيار ڪرائي وٺون ٿا،عمران خان جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سندس موڪل جو ايڪسري ڪرائي رهيا آهيون،عدالت 28 فيبروري تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.