ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ ڪار مان 10 ورهين جي ٻارڙي جو تشدد ٿيل لاش آيو، پوليس سرجن نينگر سان زيادتي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ٻارڙي جي جسم تي تشدد جا نشان مليا آهن، ساڻس زيادتي به ٿي آهي.
ڪورنگي نمبر 3 واري علائقي ۾ ڪار مان 10 ورهين جي ٻارڙي جو تشدد ٿيل لاش مليو ، اطلاع تي پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس سرجن ٻارڙَي سان زيادتي جي تصديق ڪندي چيو ته ٻارڙي جي جسم تي تشدد جا نشان پڻ مليا آهن، جسم جي معائني ۾ خبر پوي ته ٻار سان زيادتي به ٿي آهي.
پوليس سرجن چيو ته حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ معصوم ٻارڙي جي موت جو ڪارڻ معلوم ٿيندو.
ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته جنهن گاڏي مان ٻار جو لاش مليو ان جي مالڪ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جنهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
ٻارڙي جي مامي جو چوڻ هو ته ٻار ذهني طور معذور هو، گرفتار ٿيل شخص علائقي جو رهواسي آهي جنهن لاش جي اطلاع ڏني آهي جڏهن ته ٻارڙي جو پيءُ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪندو آهي….