پاڪستان

March 12, 2023 5:45 pm

پوليس جي خوف کان تحريڪون منسوخ ڪرڻ وارن کي گدڙ سڏيو وڃي ٿو، مريم جو طعنو

مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز پاڪستان تحريڪ انصاف پاران ريلي منسوخ ڪرڻ تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز لکيو ته پوليس جي خوف کان تحريڪون رد ڪرڻ وارن کي گدڙ چيو ويندو آهي.

مريم نواز سوشل ميڊيا تي لکيو ته جيڪو مشرف جي هر رڪاوٽ کي ٽوڙي اڳيان اڳيان هليو ان کي نواز شريف چئبو آهي،

گوجرانوالا پهچڻ کان اڳ ئي عدليه بحال ڪرڻ وارو شعر دل وارو ليڊر نواز شريف سڏجي ٿو.

ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان گذريل ڏينهن اعلان ڪيو هو ته آچر تي ريلي ڪڍينداسين،

جنهن جي اڳواڻي پاڻ ڪندس، جنهن کي هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ پڙهو: