سنڌ

March 9, 2023 10:34 pm

وفاقي اردو يونيورسٽي عبدالحق ڪيمپس ۾ ٻن شاگرد تنظيمن ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو

وفاقي اردو يونيورسٽي عبدالحق ڪيمپس ۾ ٻن شاگرد تنظيمن ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو.

وفاقي اردو يونيورسٽي عبدالحق ڪيمپس ۾ سنڌي سٿ فورم ۽ اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي جي شاگردن وچم ۾ جهيڙو ٿي پيو.

شاگرد تنظيمن ۾ نعورا لڳائڻ کان منع ڪرڻ تي جهيڙو ٿي پيو، جنهن بعد انتظاميا يونيورسٽي جي گيٽ بند ڪري ڇڏي.

شاگرد تنظيمن ۾ جهيڙي بعد يونيورسٽي جي ڪيمپس اندر پوليس ۽ رينجرز پهچي صورتحال تي ضابطو آندو.

سنڌي سٿ فورم اڳواڻ وسيم راڄپر ٻڌايو ته شاگردن جي ويلڪم پارٽي رکي هئي جنهن جي انتظاميا کان اجازت به ورتي هئي بلاجواز پي ايس ايف ۽ جميعت جي شاگردن حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو.

وڌيڪ پڙهو: