سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواه ۾ نوي ڏينهن اندر اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ پاران ٻنهي صوبن ۾ چونڊن بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ٻن ججن فيصلي تي اختلاف ڪيو.
سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي چونڊن ۾ دير بابت پاڻمرادو نوٽيس تي فيصلو ٻڌايو.
چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس محمد علي مظهر فيصلي جي حمايت ڪئي، جڏهن ته جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس منصور علي شاهه مخالفت ڪئي.
عدالت فيصلي ۾ حڪم ڏنو ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ 90 ڏينهن اندر اليڪشن ڪرائي وڃي، گورنر جي حڪم تي اسيمبلي ٽوڙي وئي ته گورنر تاريخ ڏئي.
عدالت صدر کي اليڪشن ڪميشن سان مشاورت ڪري پنجاب ۽ ڪي پي جي گورنر کي اليڪشن ڪميشن سان مشاورت بعد صوبي ۾ تاريخ ڏيڻ جو حڪم ڏنو.
سپريم ڪورٽ موجب صدر جو 20 فيبروري وارو حڪم پنجاب جي حد تائين صحيح آهي، جڏهن ته ڪي پي بابت صدر جي حڪم کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو.
عدالتي فيصلي موجب اليڪشن ڪميشن گورنر ۽ صدر سان گڏ ايڊوائس جو ڪردار ادا ڪرڻ جو پابند آهي، صدر 9 اپريل جي تاريخ جو اعلان ڪيو، اليڪشن ڪميشن ان صورتحال ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو، اپريل 9 تي چونڊون ممڪن ناهن ته پنجاب ۾ تاريخ تبديل ڪري سگهجي ٿي.
عدالت چيو ته وفاق جي ذميواري آهي ته چونڊون ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ايگزيڪيوٽو اٿارٽيز اليڪشن ڪميشن جي چونڊن لاءِ مدد ڪن، گورنر ڪي پي چونڊن جي تاريخ نه ڏئي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، کيس فور طور تي تاريخ ڏيڻ گهرجي.