سپريم ڪورٽ صدر عارف علوي جي نااهليءَ لاءِ داخل درخواست خارج ڪري ڇڏي،
درخواستگذار ظهور مهدي جي درخواست تي جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي،
جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته سياسي جماعتون ڇا ڪري رهيون آهن،
اوهان جو ڪيس ناهي، آئين موجب تجويز ۽ تائيد ڪندڙ جو پارليامينٽرينز هئڻ ضروري آهي،
عدالت دليل ٻڌڻ بعد آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف تحت صدر عارف علوي جي نااهلي لاءِ داخل درخواست خارج ڪري ڇڏي.