شوبز

March 1, 2023 8:15 pm

حريم شاهه جون وڊيوز وائرل ٿيڻ کانپوءِ بيان سامهون اچي ويو

مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جون وڊيوز وائرل ٿيڻ کانپوءِ بيان سامهون اچي ويو، حريم شاهه الزام لڳايو آهي ته هن جون ليڪ ٿيل غيراخلاقي وڊيوز ويجهي دوست صندل خٽڪ ۽ عائشه ناز موبائل چوري ڪري ليڪ ڪيون، گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جون ڪجهه غيراخلاقي وڊيوز منظرعام تي آيون هيون، جيڪي وائر ٿي ويون آهن

هن چيو ته مان هن وقت مراڪش ۾ آهيان، حريم شاهه پنهنجي ويڊيو بيان ۾ چيو ته هي وڊيوز منهنجون ئي آهن پر اهي وڊيوز صندل خٽڪ ۽ عائشه ناز وائرل ڪيون آهن

حريم شاهه چيوته هي وڊيوز ڪجهه سال اڳ جون آهن جيڪي هن پاڻ ٺاهيون هيون، هڪ ويڊيو ڪراچي واري گهر ۽ ٻيون اسلام آباد جون آهن

ان وقت صندل ۽ عائشه مون سان گڏ رهنديون هيون ۽ منهنجي موبائيل چوري ڪري وڊيوز محفوظ ڪيون هيون، حريم شاهه موجب وڊيوز وائرل ٿيڻ کان اڳ ئي هُن کي صندل ۽ عائشه ناز جي طرفان ڌمڪيون ملي چڪيون هيون ته اهي وڊيوز وائرل ڪنداسين،

حريم شاهه ٻڌايو ته صندل ۽ عائشه جي ڌمڪين بعد مون اسلام آباد ۾ ايف آءِ اي سان رابطو ڪيو هو پر منهنجي شڪايت تي مون کي چيو ويو ته جيستائين مواد منظر عام تي نٿو اچي ڪارروائي نٿي ڪري سگهجي،

هن چيو ته صندل ۽ عائشه وڊيوز منهنجي شادي شده خوشحال زندگي ۾ خراب ڪرڻ لاءِ ليڪ ڪيون آهن، هو ساڙ ۾ ايتريون اڳتي وڃي چڪيون آهن جو هنن ذاتي وڊيوز موبائيل مان چوري ڪري ليڪ ڪري ڇڏيون.

وڌيڪ پڙهو: