اهم خبرون

سنڌ

March 3, 2023 8:29 pm

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڌاڙيلن خلاف رپورٽ اڻپوري قرار ڏئي واپس ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ جوڙيل پلان بابت سنڌ پوليس جي رپورٽ اڻپوري قرار ڏئي واپس ڪري ڇڏي،

رڳو مخصوص ضلعن نه پر سموري صوبي بابت جامع رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت،

سنڌ پوليس پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته مختصر مدي واري پلان تحت فوج ۽ رينجرز جي مدد سان گڏيل آپريشن لاءِ سنڌ حڪومت کي خط لکيو ويندو ۽ ڌاڙيلن جي استعمال هيٺ موبائل سمز بلاڪ ڪرڻ لاءِ پي ٽي اي کي درخواست ڪئي ويندي،

سوشل ميڊيا تي هلندڙ پروپيگينڊ روڪڻ لاءِ ايف آءِ کي خط لکڻ جو فيصلو،

ڊگهي مدي واري پلان تحت فوجداري انصاف جي نظام ۾ بهتري لاءِ ڪميشن جوڙڻ جي سفارش ڪئي ويندي،

جديد هٿيارن ۽ نون ٿاڻن جي قيام لاءِ سنڌ حڪومت کي فنڊز جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي ويندي،

عدالت رپورٽ اڻپوري قرار ڏيندي واپس ڪري ڇڏي ۽ چيو ته اسان رڳو اپر سنڌ نه پر سموري صوبي لاءِ پلان گهريو آهي.

وڌيڪ پڙهو: