پاڪستان

March 11, 2023 6:38 pm

وزيراعظم سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ جي معاهدي جي آجيان ڪئي

وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ واري معاهدي جي آجيان ڪئي آهي.

شهباز شريف چيو ته معاهدو وچ اوڀر ۽ مسلم دنيا ۾ امن ۽ استحڪام ۽ اقتصادي ترقي لاءِ سٺي نشاني آهي.

هن چيو ته چين جي ثالثي واري ڊيل مان ظاهر ٿئي ٿو ته اجتماعي حڪمت سان فتح حاصل ڪرڻ ممڪن آهي.

واضح رهي ته سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ 2016ع کان سفارتي لاڳاپا ختم ٿي ويا هئا، جن کي بحال ڪرڻ جو فيصلو گذريل ڏينهن ڪيو ويو هو.

عالمي اڳواڻن سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ لاڳاپا بحال ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪئي آهي.

وڌيڪ پڙهو: