رانديون

March 10, 2023 5:17 pm

افغانستان خلاف سيريز ۾ بابر کي آرام ڏيڻ جو امڪان، ڪپتان ڪير هوندو؟

افغانستان خلاف ٽي 20 سيريز لاءِ ڪپتان بابر اعظم کي آرام ڏيڻ جو امڪان آهي ۽ اسڪواڊ ۾ نوان رانديگر شامل ڪيا پيا وڃن.

ذريعن موجب افغانستان خلاف سيريز ۾ ڪپتان بابر اعظم ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان کي آرام ڏيڻ جو امڪان آهي،

ان صورت ۾ فاسٽ بالر شاهين آفريدي ڪپتاني لاءِ مضبوط اميدوار آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته افغانستان خلاف ٽي 20 سيريز لاءِ نون رانديگرن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

ذريعن موجب ٽيم ۾ وسيم ايوب، حسيب الله، اعظم خان ۽ احسان الله کي شامل ڪرڻ جو امڪان آهي جڏهن ته عماد وسيم ۽ فهيم اشرف کي به ٽيم ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.

افغانستان خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون 24، 26 ۽ 27 مارچ تي شارجه ۾ کيڏيون وينديون.

وڌيڪ پڙهو: