اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان وڊيو بيان جاري ڪيو آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ عمران خان چيو ته مان توهان جي جنگ وڙهي رهيو آهيان،
جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿيو يا مان جيل وڃان ته توهان کي جدوجهد جاري رکڻي پوندي.
هن چيو ته پوليس مون کي گرفتار ڪرڻ آئي آهي، اهي سمجهن ٿا ته جيل ويو ته قوم سمهي پوندي، توهان کي پنهنجي حقن ۽ حقيقي آزادي لاءِ ٻاهر نڪرڻو پوندو،
مون سڄي زندگي اها جنگ وڙهي آهي ۽ وڙهندي رهندي.
هن چيو ته توهان کي ثابت ڪرڻو پوندو ته قوم عمران خان کانسواءِ به جدوجهد ڪندي.
واضح رهي ته عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ بعد اسلام آباد پوليس جي ٽيم لاهور پوليس جي وڏي نفري سان گڏ زمان پارڪ ۾ موجود آهي جتي کين پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.