اهم خبرون

پاڪستان

March 11, 2023 2:36 pm

حضرت لعل شهباز قلندر جو پيغام، محبت رواداري ۽ ڀائيچاري وارو پيغام آهي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حضرت لعل شهباز قلندر جو پيغام، محبت رواداري ۽ ڀائيچاري وارو پيغام آهي، لعل شهباز قلندر جي عرس جي موقعي تي ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعاگو آهيون.

دما دم مست قلندر” جي صدائن سان قلندر لعل شهباز رحه جو 771هون عرس مبارڪ شروع ٿي ويو آهي.

گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري مزار تي چادر چاڙهي عرس تقريبن جو افتتاح ڪيو جڏهن ته، سيڪيورٽي لاءِ ساڍا 4 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

ٻئي طرف بلاول ڀٽو زرداري حضرت لعل شهباز قلندر جي سالياني عرس مبارڪ تي پيغام ڏيندي چيو آهي ته حضرت لعل شهباز قلندر جو دنيا ۾ پيغام محبت، رواداري ۽ ڀائيچارو وارو آهي.

پرڏيهي وزير  چيو ته حضرت لعل شهباز قلندر سماج ۾ عدم برداشت ۽ انتهاپسندي خلاف لوهي ديوار جو نالو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سماج جي اجتماعي طاقت حضرت لعل شهباز جي درس ۾ سمايل آهي، جيڪا پاڪستان جي سر بلندي جو رستو آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي خطي جي ثقافتي ۽ تهذيب کي صوفين امن، ڀائيچاري ۽ اتحاد جي پيغام ذريعي ڳنڍيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعاگو  آهيون.

وڌيڪ پڙهو: