لاهور هاءِ ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن کي 43 قومي تڪن تي ننڍي چونڊ روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،
پي ٽي آءِ جي 43 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪرڻ خلاف درخواست تي عارضي فيصلو جاري،
عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ڄاڻايل43 تڪن تي اليڪشن جو شيڊيول جاري نه ڪري،
7 مارچ تائين پي ٽي آءِ ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ وارو نوٽيفڪشن معطل ڪجي ٿو، عدالت درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيا.