اهم خبرون

پاڪستان

March 5, 2023 3:13 pm

اسلام آباد پوليس جي ٽيم عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کانسواءِ ئي واپس رواني

اسلام آباد پوليس جي ٽيم عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کانسواءِ ئي واپس رواني،

توشا خانا ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽس جاري ٿيڻ بعد اسلام آباد پوليس جي ٽيم عمران خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ زمان پارڪ پهتي، وڏي انگ ۾ اڳواڻ ۽ ڪارڪن به پهتا،

پوليس سان مزاحمت، اسلام آباد پوليس موجب عمران خان زمان پارڪ ۾ موجود نه هو، سندس گرفتاري وارنٽس پهچائي آيا آهيون،

آءِ جي اسلام آباد چيو آهي ته قانون موجب عمران خان کي هر صورت ۾ گرفتار ڪيو ويندو، پنجاب پوليس سان رابطي ۾ آهيون،

پوليس ٽيم کي مڪمل بريفنگ ۽ قانوني اختيارن سان روانو ڪيو هو،

گرفتاري کانپوءِ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ به تيار آهيون.

وڌيڪ پڙهو: