اهم خبرون

پاڪستان

March 5, 2023 2:25 pm

حڪومت عمران خان کي گرفتار ڪري ملڪي حالتون خراب ڪرڻ چاهي ٿي: شاهه محمود قريشي

حڪومت عمران خان کي گرفتار ڪري ملڪي حالتون خراب ڪرڻ چاهي ٿي،

هي چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ ٿين ۽ اليڪشن ملتوي ٿئي، شهباز شريف ۽ محسن نقوي ۾ ڪو فرق ناهي،

عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو ته سموري ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو، پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جون زمان پارڪ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهيون،

شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پوليس عمران خان جي گرفتاري جو نوٽيس پهچائڻ لاءِ پهتي آهي،

ڪارڪن پر امن رهن، عمران خان سان مشاورت بعد جواب ڏنو ويندو.

وڌيڪ پڙهو: