وفاقي حڪومت حج پاليسي2023جو اعلان ڪري ڇڏيو، سرڪاري خرچ تي مفت حج واري پاليسي ختم،
مذهبي معاملن واري وزير مفتي عبدالشڪور چيو آهي ته هن سال هڪ لک 79 هزار 210 پاڪستاني پانڌيئڙا حج جي سعادت حاصل ڪندا،
حج لاءِ 16 کان 31 مارچ تائين درخواستون وصول ڪيون وينديون، اپريل جي پهرين هفتي ۾ ڪڻا ڪڍيا ويندا،
رپئي جو مُلهه گهٽجڻ سبب حج جو خرچ ساڍا 3 لک رپيا ٿي ويو آهي، پاڪستان جي درخواست تي سعودي حڪومت حج جي خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي،
حج پانڌيئڙن کي سهولتون ڏيڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن، منيٰ ۽ مزدلفه ۾ ٽرين جي سهولت فراهم ڪئي ويندي،
سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ اسپانسر شپ حج پاليسي آڻينداسين.