اهم خبرون

پاڪستان

March 9, 2023 6:42 pm

اليڪشن ڪميشن، حڪومت کان پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن لاءِ 10 ارب رپيا طلب ڪري ورتا

اليڪشن ڪميشن، حڪومت کان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن لاءِ 10 ارب رپيا طلب ڪري ورتا آهن.

اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي عام چونڊن لاءِ نظرثاني ٿيل بجيٽ ناڻي واري وزارت کي جمع ڪرائي ڇڏي ۽ ٻنهي صوبن ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ فوري طور تي 10 ارب رپيا طلب ڪري ورتا آهن.

ذريعن موجب پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊن تي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 15 ارب رپيا آهي،

قومي اسيمبلي جي ضمني چونڊ ملتوي ٿيڻ سبب چونڊ خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي.

اليڪشن ڪميشن، ناڻي واري سيڪريٽري کي چيو ته نظرثاني ٿيل بجيٽ تحت عام چونڊن لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ اوهان جي آئيني ذميواري آهي.

ناڻي واري سيڪريٽري جواب ڏنو ته حڪومت وٽ روزاني جي بنياد وارا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ پئسا ناهن،

اليڪشن ڪميشن جو مطالبو حڪومت آڏو رکي جلد فيصلي بابت آگاهه ڪندو.

وڌيڪ پڙهو: