اهم خبرون

ڪاروبار

March 14, 2023 6:28 pm

اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر سستو ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي آهي.

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب انٽر بئنڪ ڪاروبار جي اختتام تي هڪ ڊالر جي قيمت 282.29 رپيا ٿي وئي آهي. ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 281.61 رپيا تي بند ٿيو. انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر 68 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.

ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت هڪ رپيو گهٽتائي سان 284 رپيا ٿي وئي آهي.

Dollar
exchange rate

وڌيڪ پڙهو: