اختيار اورانگهيندڙ کي عبرت جو نشان بڻائڻ گهرجي، نيب قانون ۾ ترميمون آرڊيننس ذريعي آڻي رهيا آهيون،
جنرل رٽائرڊ فيض خلاف ڪورٽ مارشل قانون واري وزارت جو ڪم ناهي، قانوني راءِ گهري وئي ته ڏيندس،
وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ماضي ۾ نيب کي سياسي انجنيئرنگ لاءِ استعمال ڪيو ويو،
نيب ۾ ڪيس ته ٺهندا هيا پر فيصلا نه ٿيندا هيا، ڪابينا نيب قانون ۾ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.