پوليس اختيارين موجب سيڪيورٽي اهلڪار جڏهن عمارت جي مٿين منزل تي پهتا ته دهشتگرد ڪراچي پوليس آفيس جي ڇت تي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين 3 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
دهشتگردن 2 کان 3 طرفن کان حملا ڪيا، ڊي آءِ جي ڏکڻ
ڊي آءِ جي سائوٿ جو چوڻ آهي ته دهشتگرد مڪمل تياري سان آيا هئا، دهشتگردن 2 کان 3 طرفن کان حملو ڪيو، عمارت ۾ 40 کان 50 ماڻهو موجود آهن، حملي آورن سان ڀرپور مقابلو ڪري رهيا آهيون، سڄي شهر مان فورس موجود آهي، رينجرز ۽ فوج موجود آهي، دهشتگردن جو حتمي انگ معلوم ناهي، ماڻهو عمارت اندر ڦاٿل آهن ۽ آپريشن جاري آهي.
دهشتگردن جي حملي ۾ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
پوليس اهلڪارن دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻن جي شهادت جي تصديق ڪئي آهي. ٻنهي ڄڻن جا لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.
جناح اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين 11 زخمي ۽ 2 مڙهه آندو ويو آهي، زخمين ۾ رينجرز ۽ پوليس اهلڪار به شامل آهن.
زخمي ريسڪيو اهلڪار کي 2 گوليون لڳيون آهن، سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي.