اهم خبرون

پاڪستان

February 11, 2023 7:19 pm

آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل شرط سامهون اچي ويا

طئي ٿيل شرط سامهون اچي ويا وفاقي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ سامهون آيل تفصيلن موجب وفاقي حڪومت نومبر 2023ع تائين ٽه ماهي بنيادن تي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو پلان ڏئي ڇڏيو آهي،

پاڪستان حڪومت آءِ ايم ايف جي حڪم تي بجلي جي قيمت ۾ 7 رپيا 91 پئسا في يونٽ واڌ ڪندي.
تفصيلن موجب حڪومت کي بجلي جي في يونٽ قيمت 15.2 کان 23.3 رپيا ڪرڻي پوندي، فيبروري کان مارچ تائين بجلي 3.21 رپيا في يونٽ مهانگي ڪئي ويندي،

مارچ کان مئي تائين بجلي جي قيمت ۾ 3 رپيا 21 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي ويندي. بجلي جي قيمت ۾ 0.69 پيسا في يونٽ واڌ ڪئي ويندي.

سامهون آيل تفصيلن ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته جون کان آگسٽ ۾ بجلي جي اگهن ۾ هڪ رپيو 64 پيسا في يونٽ ۽ سيپٽمبر کان نومبر تائين 1.98 رپيا في يونٽ واڌ ڪئي ويندي.
حڪومت کي پهرين مارچ کان هاري پيڪيج تحت 65 ارب جي بجلي جي سبسڊي ختم ڪرڻي پوندي.
آءِ ايم ايف بجلي جي ٽيڪنيڪل خسارن ۾ 16.2 ارب رپين جي گهٽتائي جي شرط رکي آهي، بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي وصولي ۾ بهتري تي اتفاق ڪيو ويو آهي،
آءِ ايم ايف ڊسٽريبيوشن ڪمپنين جي وصولين ۾ بهتري تي اتفاق ڪيو آهي. هدف 90.4 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي.
مارچ کان نومبر جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ ۾ صارفين کان وڌيڪ 35 ارب وصول ڪيا ويندا، مارچ کان نومبر جي فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز جي مد ۾ 14 ارب سيلز ٽيڪس وصول ڪئي ويندي.

وڌيڪ پڙهو: