پاڪستان

February 21, 2023 1:40 pm

تحريڪ انصاف پاران نيب چيئرمين آفتاب سلطان جي استعيفا جي فيصلي جي آجيان

تحريڪ انصاف  نيب چيئرمين آفتاب سلطان جي استعيفا جو آڌرڀاءُ ڪندي چيو آهي ته ان سان سندن موقف جي تصديق ٿي وئي آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته نيب چيئرمين جي استعيفا فاشسٽ نظام جي ٽٽڻ طرف وڏو قدم آهي.

هن چيو ته آفتاب سلطان پنهنجي  ڪم ۾ مداخلت  جي خلاف استعيفا ڏني،مان انهن 22 آفيسرن ، جن کي پنجاب ۾ مداخلت لاءِ لڳايو ويو آهي، چوان ٿو ته هو پاڻ کي موجودهه حڪومت کان الڳ  ڪن.

فواد چوڌري چيو ته هي ملڪ ۽ بيوروڪريسي ٻنهي جي مفاد ۾ آهي ته اهي حڪومت کان الڳ ٿين،نيب چيئرمين جي استعيفا پي ٽي آءِ  جي موقف جي تصديق آهي.

 

وڌيڪ پڙهو: