سنڌ

February 18, 2023 2:50 pm

دهشتگردن جو ٽارگيٽ ايڊيآشنل آءِ جي هيو: عرفان بلوچ

ڪراچي پوليس آفيس تي دهشتگرد حملي جي جاچ جاري آهي، بم ڊسپوزل اسڪواڊ دهشتگردن وٽان هٿ آيل هٿيارن ۽ بمن کي جاچ لاءِ منتقل ڪري ڇڏيو،

ڊي آءِ جي ايسٽ عرفان بلوچ چيو آهي ته دهشتگردن جو ٽارگيٽ ايڊيآشنل آءِ جي هيو،

دهشتگرد حملي وقت اهلڪار چوڪين تي موجود هيا، ڪجهه اهلڪار نماز پڙهڻ ويل هئا، چوڪي تي موجود اهلڪارن مقابلو ڪري شهادت ماڻي،

دهشتگردن پاران استعمال ڪيل ڪار بابت ڄاڻ ملي وئي آهي، دهشتگردن جي سهولتڪارن جو به پتو پئجي ويندو.

ڪي پي او ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي ايسٽ عرفان بلوچ چيو ته دهآشتگردن جو ٽارگيٽ ايڊيشنل آءِ جي هيو، دهشتگرد حملي وقت اهلڪار چوڪين تي موجود هيا،

ڪجهه اهلڪار نماز پڙهڻ ويل هئا، چوڪي تي موجود اهلڪارن مقابلو ڪري شهادت ماڻي،

دهشتگردن پاران استعمال ڪيل ڪار بابت ڄاڻ ملي وئي آهي، دهشتگردن جي ٻين ساٿين بابت به جاچ  ڪيون پيا، دهشتگردن جي سهولتڪارن جو به پتو پئجي ويندو .

 

وڌيڪ پڙهو: