ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون جـَي اسڪول ۾ شاگردياڻي کي زخمي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.
ويسٽ پوليس موجب جوابدار 2 ڏينهن اڳ اورنگي ٽائون هڪ نمبر جي نجي اسڪول ۾ فائرنگ ڪري 15 ورهين جي عليشا کي زخمي ڪيو هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار فضل الله وٽان فائرنگ جي واقعي ۾ استعمال ٿيل هٿيار به هٿ ڪيو ويو.
پوليس وڌيڪ چيو ته جوابدار خلاف غير قانوني هٿيار رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، واقعي بابت وڌيڪ تفصيل ورتا پيا وڃن.