سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ وڌندڙ مهانگائي خلاف سکر مان نڪتل ايس يو پي جو پيادل مارچ پنهنجي منزل طرف روان دوان،
ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ميهڙ کان ڪي اين شاهه طرف روانو ٿيو،
ام رباب چانڊيو به پيادل مارچ ۾ شرڪت ڪئي،
سنڌ جي بھادر نياڻي ام ارباب چانڊيو پيادل سنڌ مارچ جي سرواڻ سيد زين شاھ ۽ پانڌيئڙن جو ڀرپور آجيان ڪري ۽ مارچ ۾ پنھنجو موقف ڏيندي. #SindhMarch pic.twitter.com/ijgjSJWi1R
— Sindh United Party (@SUP_Sindh) February 21, 2023
زين شاهه چيو آهي ته حالتون تمام گهڻيون خراب آهن، سنڌ جي حقن لاءِ سڀني کي سجاڳ ٿيڻو پوندو،
سنڌ حڪومت عوام جو پيسو لٽيو آهي، جيڪو واپس ڪرايو وڃي، سنڌ ٻوڙائيندڙن جو احتساب ضروري آهي.
ڌرتي ڌڻي جي چيئرمين قادر چانڊيو پيادل سنڌ مارچ جي سرواڻ سيد زين شاھ ۽ پانڌيئڙن کي ڪي اين شاھ پھچڻ تي گلن جي ورکا سان ڀليڪار ڪندي#SindhMarch pic.twitter.com/OLoX0i0DGa
— Sindh United Party (@SUP_Sindh) February 22, 2023